شهيد عبدالغني

شهيد عبدالغني

عـبدالغـنـي شهـيـد

عـبدالغـنـي، شهـيـد: مشهور پوليس آفيسر عبدالغني ولد ميان علـي گـوهر صديقي 24 ڊسمبر 1950ع ۾ پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو. 1974ع ۾ پوليس کاتي ۾ ڊي. ايس. پي طور ڀرتي ٿيو ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي جي سيڪيورٽي آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. ضياءُ الحق جي مارشل لا لڳڻ کان پوءِ شهيد ڀُٽي جي قريبي ساٿين کي پڻ عتاب ڏسڻو پيو. ڀُٽي صاحب جي شهادت کان پوءِ بيگم نصرت ڀٽو عبدالغني کي 70 ڪلفٽن تي پارٽي معاملن کي سنڀالڻ جون ذميواريون سونپيون. پاڻ مختلف وقتن تي اٽڪل پنج سال جيل ۾ نظربند رهيو. آر ڊي'>ايم آر ڊي کي آرگنائيز ڪرڻ جون خدمتون سرانجام ڏيڻ جي عيوض کيس سنڌ پيپلز پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 1988ع ۾ جيئن ئي پيپلز پارٽيءَ اقتدار ۾ آئي ته عبدالغني وزيراعظم پاڪستان جو مشير مقرر ڪيو ٿيو. انهيءَ کانپوءِ سندس 11 سالن جي سينيارٽي بحال ڪري کيس ايس ايس پي اينٽي ڪرپشن طور ڪراچيءَ ۾ مقرر ڪيو ويو. 4 جنوري 1993ع تي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج اوڀر ڪراچي بشير احمد، جنهن تي رشوت وٺڻ جي الزام ۾ ڪنهن درخواست ڪئي هئي. هن ڪورٽ ۾ وڃي ڇاپو هنيو. جنهن بعد ڪورٽن ۾ بائيڪاٽ ڪيو ويو. کيس ڪراچيءَ مان هٽائي ايس. ايس. پي نوشهرو مقرر ڪيو ويو. ڪجهه وقت اتي رهڻ بعد بدلي ڪري کيس اي ڊي آءِ جي سنڌ ريزرو پوليس ڪراچي طور مقرر ڪيو ويو. عبدالغني 22 جولاءِ 1994ع تي پنهنجي ٻارن سان ڪوئيٽا وڃي رهيو هو ته قلات ڀرسان سندس گاڏيءَ جو آئل ٽئنڪر سان ٽڪر ٿيو. جنهن سبب پاڻ سندس گهر واري رفعت غني، 2 نياڻيون شمائلا ۽ نوشين ۽ ٽي پٽ شهريار، بلال ۽ طلال شهيد ٿيا. ستن ئي لاشن کي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، صحافي ڪالوني حيدرآٻاد جي احاطي ۾ دفنايو ويو. 1994ع ۾ شهيد جي وارثن A3 مسلم سوسائٽيءَ جي شاهراهه تي شهيد عبدالغنيءَ جي نالي پٺيان سندس ياد ۾ غني ٽرسٽ اسپتال قائم ڪئي، جنهن جو مقصد عوام جو ڀلو هو، اها ٽرسٽ 22 اپريل 1997ع ۾ رجسٽرڊ ڪرائي وئي. ان جا اعزازي ۽ مستقل ميمبر هي آهن: (1) مولانا عبدالجبار صديقي (اعزازي ميمبر)، (2) عبدالستار صديقي (جنرل سيڪريٽري)، (3) ڊاڪٽر عبدالشڪور (مستقل ميمبر)، (4) سعيده صديقي (اعزازي ميمبر)، (5) ڪليم الله صديقي (اعزازي ميمبر)، (6) مخدوم سليم الله صديقي (مستقل ميمبر)، (7) ڊاڪٽر شيراز (ميمبر) (8) علي صديقي (ميمبر).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.12.24  عيسوي

پوليس آفيسر عبدالغني ولد ميان علـي گـوهر صديقي 24 ڊسمبر 1950ع ۾ پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو.


1994.07.22  عيسوي

عبدالغني 22 جولاءِ 1994ع تي پنهنجي ٻارن سان ڪوئيٽا وڃي رهيو هو ته قلات ڀرسان سندس گاڏيءَ جو آئل ٽئنڪر سان ٽڪر ٿيو. جنهن سبب پاڻ سندس گهر واري رفعت غني، 2 نياڻيون شمائلا ۽ نوشين ۽ ٽي پٽ شهريار، بلال ۽ طلال شهيد ٿيا. ستن ئي لاشن کي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، صحافي ڪالوني حيدرآٻاد جي احاطي ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽڳو محمد صالح
بن سومار
شيخ محمد اسلم 2
پيرزادو شاهه محمد
سوامي گوالانند مهراج
سيد نور محمد شاهه
رشيد عطري
حڪيم مير محمّد وفا لکوي
عبدالعزيز ميمڻ مولانا
بوعلي سينا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون